انشاء ابو الفضل (قلمي)

انشاء ابو الفضل (قلمي)

انشاء ابو الفضل قلمي

انشاء ابو الفضل (قلمي): هي قلمي نسخو مغل شهنشاهه اڪبر جي مقرب، حاڪم ۽ سپهه سالار دکن ۽ صدرالصدور ابوالفضل علاميءَ جو تصنيف ڪيل آهي. ان کانسواءِ اڪبر نامه ۽ آئين اڪبري به هن جا ئي تصنيف ٿيل آهن . هي نسخو نا مڪمل آهي ۽ غلطيءَ سان سر ورق تي ڪتاب جو نالو ’تفسير سورة فتح‘ تحرير ٿيل اٿس. هن ۾ اڪبر جي حڪم تي تحرير ڪيل خط موجود آهن، ڪتاب جي شروعات هيئن ٿي ٿئي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم- خطبه تفسير بعضي آيات
سورة فتح- يا فاتح ابواب علوم و حڪم
يا رافع اعلام ايادي و نعم...“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”... ازعرايض او اثار رشد و کارداني
و اخلاص و سير براي و دلسوزي وکفايت“
40 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو عبدالصمد مرتب ڪيو آهي، نسخي ۾ ڪاتب ۽ سن جو ڪٿي به ڪو پتو نه ٿو پوي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو